23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز | دولتپورصفن: اسماعيل ڏاهري کي گرفتار ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

دولتپورصفن ۾ پنج ڏينهن اڳ ۾ پ پ اڳواڻ  اسماعيل ڏاهري کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

پ پ  ڪارڪنن ۽ اسماعيل ڏاهري جي حامين حافظ نياز ڏاهري – شير ڏاهري- جان محمد ڀٽو- ڪامريڊ عبدالعزيز ڀٽو- بشير ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي  خطاب ڪندي  هنن چيوته محمد اسماعيل ڏاهري جي گهر ۽ اوطاق تي ڪاروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو.

هنن چيو ته  اسماعيل ڏاهري کي گرفتار ڪري ۽ اُن جي قبضي مان هٿ آيل چار ڪلاشنڪوف ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جي دعوىٰ ڪئي وئي آهي جيڪو سراسر ڪوڙ آهي .

هنن چيو ته اسماعيل ڏاهري تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ کيس بنا ڪنهن سبب جي تنگ ڪيو پيو وڃي .

هنن مطالبو ڪيو ته اسماعيل ڏاهري تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے