24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊي آدم: پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي،جائز مطالبا حل ڪرڻ جو مطالبو

ٽنڊي آدم ۾ پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري  نعريبازي ڪئي وئي .

پ ٽ الف ٽنڊي آدم پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ  لکاڏنو خاصخيلي ، غلام رسول ٻجورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌي مين پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي استادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ هتي جي  استادن ۽ ملازمن کي اهي مراعتون نه پيون ملن جيڪي ٻين صوبن جي ملازمن کي ملي رهيون آهن .

هنن مطالبو ڪيو ته اين ٽي ايس پاس استادن کي ريگيولر ڪري بائيو ميٽرڪ سسٽم کي ضلع ليول تي آندو وڃي  ۽  هيڊماستري الائونس وڌايو وڃي .

هنن مطالبو ڪيو ته  بينيويلنٽ  فنڊ جا اختيار ڊي سي کان وٺي ڊائريڪٽر يا ڊي اي او کي ڏنا وڃن .

هنن چيو ته استادن جا جائز مطالبا مڃيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے