21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |مومل ماڙي: ڳوٺاڻن جو  قبرستان جي چوديواري جي اڏوات نه ٿيڻ خلاف احتجاج

مومل جي ماڙي ۾ ڳوٺاڻن پاران قبرستان جي چوديواري جي اڏوات نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ ارباب ڪلادي ۾ شهيد لال شاهه  قبرستان جي ڀت نه ٺهڻ خلاف  ڳوٺاڻن صابر فقير ڪلادي،  محرم ڪلادي،   فقير منظور ڪلادي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطا ڪندي اڳواڻن چيو ته قبرستان ۾ سَون جي تعداد ۾ قبرون موجود آهن .

هنن چيو ته چوديواري نه هجڻ ڪري جانور قبرستان ۾ گهنمدا رهن ٿاجنهن ڪري  قبرون مسمار ٿي رهيون آهن

هنن چيو ته 2008 ۾ اڳوڻي ايم پي اي ڄام سيف الله ڌاريجي پاران چوديواري ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو  پر ان تي عمل نه ٿيو آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته ترت ئي سندن قبرستان کي چوديواري ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol: Tribute to martyrs of karbala

نيوز: جهول: مرڪزي امام بارگاهه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد

*جهول ۾ مرڪزي امام بارگاه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي منزل طرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے