23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي رياست اترکنڊ ۾مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي،  40 کان وڌيڪ مسافر فوت 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترکنڊ ۾مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ مسافر فوت  ٿي  ويا آهن. جڏهن ته ڀارتي رياست اتر کند جي ضلع پوري گهروال جي علائقي دهوما ڪوٽ ۾ مسافرن سان ڀريل بس کاهي ۾ ڪري پئي جنهن سبب 40 کان وڌيڪ مسافر فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو  ٽيم  موقعي تي پهچي آپريشن شروع ڪيو  جنهن دوران 20 مسافرن جا لاش ڪڍيا ويا  ۽ ٻين جي تلاش جاري آهي. گھروال جي ڪمشنر دليپ جوالڪر جو چوڻ آهي ته حادثي  جي نتيجي ۾ مسافر بس مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي ۽ فوتگين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.ضلع پوري گهروال جي ڊپٽي سپريٽنڊنٽ پوليس  جگت رام جوشي جو چوڻ آهي ته حادثو گيون ڳوٺ جي ويجهو پيش آهيو جتي بس ۾ گنجائش کان وڌيڪ مسافر سوار هئا ۽ بس 200 ڪلوميٽر وڏي کاهي ۾ ڪري پئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے