22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |قمبر: نوجوان  گلزار خاصخيلي ڪراچي جي ناري ناديه ملڪ سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

قمبر جي نوجوان  گلزار خاصخيلي ڪراچي جي ناري ناديه ملڪ سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو .

قمبر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي  ٻڌايو ته  هنن پنهنجي مرضي سان  عدالت ۾ پرڻو ڪيو آهي کين ڪنهن به نه ورغلايو آهي .

هنن چيو ته پرڻي کانپوءِ  جميل ملڪ، اشفاق احمد، اڪرم ۽ ٻيا موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن .

ناري ناديه ملڪ چيو ته  هن گهران نڪري پنهنجي مرضي سان گلزار سان پرڻو ڪيو آهي ۽ هو مڙس سان گڏ خوش آهي کين تحفظ ڏنو وڃي .

هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته کين  تحفظ ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے