22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |باڊھ: عوام کي ڀوتارن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي :آزاد اميدوارلياقت ميراڻي

باڊھ جي تڪ  پي ايس 13 جي آزاد اميدوار استاد لياقت علي ميراڻي پيرين پنڌ هٿن ۾ لائوڊ اسپيڪر کڻي باڊھ ۽ ڏوڪري شهر ۾ نڪري پيو.

هن شهر جي بازار ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي شهرين سان مخاطب ٿيندي چيو ته  هو  ڪو ڀوتار يا وڏيرو نه آهي.

استاد لياقت علي ميراڻي چيو ته هو  هڪ غريب ماڻهون آهي جيڪو اڪيلي سر وڏيرڪي نظام خلاف  جدوجهد ۾ رڌل آهي.

هن چيو ته   سندس  چونڊ وڙهڻ جو مقصد  عوام کي ڀوتان جي  غلامي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي .

هن چيو ته 25 جولاءِ تي کيس ووٽ ڏئي وڏيرڪي نظام کي رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايندڙ نسل ڀوتارن جي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ImranKha, KHuhra

شام ستين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*سموري زندگي اهڙن ننڍن ماڻهن کي ڏٺو آهي جيڪي وڏين آفيسن تي قابض هوندا آهن:عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے