26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪوٽ ڏيجي: آبادگارن جو  ايس ڊي او پاران مبينا طور سندن پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪوٽ ڏيجي ويجهو  آبادگارن ايس ڊي او پاران مبينا طور سندن پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو .

ڪنب ۾ ڳوٺ رضا محمد پنهيار جي آبادگارن ميٽهڙي مائينر جي ايس ڊي او پاران پاڻي بند ڪرڻ خلاف ڪنب ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪري پاڻي پهچائڻ جو مطالبو  ڪيو ويو

ڳوٺاڻن  طالب علي، محمد دين، الهبچايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ،

آبادگارن ۽ ڪڙمين ٻڌايو ته ناري تعلقي جي بااثر ايس ڊي او امداد ڦلپوٽي بااثر ماڻهن سان ملي ڪري سندن  پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي.

هنن ٻڌايو ته پاڻي بند ڪرڻ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چوپايومال اڃ  مري رهيو آهي

هنن مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او خلاف ڪارروائي ڪري کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhiryaCity

نيوز | ڀرياسٽي: نائيچ برادري جي ماڻهن جو گهرن تي چڙهائي ۽ ٻن ڄڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج

ڀرياسٽي ۾ نائيچ برادري جي ماڻهن پاران گهرن تي چڙهائي ۽ ٻن ڄڻن جي گرفتاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے