21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ن ليگ اميدوارن کي ڌمڪيون پيون ملن، نوٽيس ورتو وڃي: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سمورن توپن جو رُخ ن ليگ ڏانهن آهي، اسان جي اميدوارن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، نگران وزيراعظم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر نوٽيس وٺن. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اسان جي اميدوار کي گهرائي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو آهي، اهڙا قدم ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا، نگران وزيراعظم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته غلطين مان ڪير به سبق نٿو سکي، سمورن توپن جو رُخ ن ليگ ڏانهن آهي، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته طوفان ايندو، جنهن کي منهن ڏيڻ ڏکيو هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے