23 آچر , سيپٽمبر 2018

عرفان خان جي نئين هالي ووڊ فلم ”پزلڊ“ جو ٽريلر جاري

لاس اينجلس (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي باصلاحيت اداڪار عرفان خان جي نئين هالي ووڊ فلم ”پزلڊ“ جو ٽريلر جاري ٿي ويو آهي، جيڪو اداڪار پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيو آهي. عرفان خان ان فلم ۾ اهڙي شخص جو ڪردار نڀائي رهيو آهي، جيڪو پزل ٺاهڻ ۾ ماهر هوندو آهي، جنهن کانپوءِ هو هڪ اهڙي عورت سان گڏ چيميپئن شپ جو حصو بڻجندو آهي، جيڪا ذاتي زندگي ۾ مسئلا پيدا ڪندي آهي پر عرفان خان جو ساٿ ڏيڻ تي کيس خبر پوندي آهي ته هوءَ به بهترين پزل ٺاهي سگهي ٿي. فلم جي هدايتڪاري مارڪ ٽرٽلٽب ڏني آهي، جڏهن ته پروڊڪشن موورمين ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته عرفان خان اڄڪلهه پنهنجي خاندان سان گڏ لنڊن ۾ موجود آهي، جتي سندس علاج هلندڙ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے