25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

حڪومت جو ايمنسٽي اسڪيم جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت صدارتي آرڊيننس ذريعي ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ واري ايمنسٽي اسڪيم جو مدو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ جي قانوني اجازت ڏيڻ واري ايمنسٽي اسڪيم متعارف ڪرائي هئي، جنهن جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي پر هاڻ ان اسڪيم جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايمنسٽي اسڪيم ۾ واڌ صدارتي آرڊيننس ذريعي ٿيندي، جنهن لاءِ قانوني مسودو تيار ڪري ايوان صدر موڪليو ويو آهي ۽ صدر جي صحيح کانپوءِ ايمنسٽي اسڪيم ۾ واڌ جو باقاعدي طور اعلان ڪيو ويندو. ايمنسٽي اسڪيم جو مدو 30 سيپٽمبر تائين وڌايو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے