24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ رينجرز جون ڪارروايون، 9 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. رينجرز ترجمان موجب سپر هاءِ وي، فريئر، پريڊي، لانڍي ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران ڀتي خوري، بليڪ ميلنگ، اسٽريٽ ڪرائيم، منشيات فروشي ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. ترجمان وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڏوهارين کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے