19 اربع , سيپٽمبر 2018

مخالفن جي حيثيت به ان ڪري آهي ته اهي منهنجا مخالف آهن: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان فوج سان گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي، آپريشن ذريعي ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي تڪ اين اي 59 چڪري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته 34 ورهين جي سياست دوران مان رڳو پنهنجي علائقي کي ترجيح ڏني، مخالفن کي جيڪا حيثيت حاصل آهي، اها به رڳو ان ڪري ئي آهي ته اهي منهنجا مخالف آهن. هن چيو ته مان برادري بدران قومي سياست ڪندو آهيان، پنهنجي علائقي کي ترقي ڏياريم، سياست ۾ اچي ڪا فيڪٽري يا مل قائم ناهي ڪئي. چوڌري نثار چيو ته مخالفن جي دور ۾ روڊ ٽٽل هئا، هن علائقي ۾ ڪو هنڌ اهڙو ناهي، جتي سندن خدمت جو ڪو نشان هجي. هن چيو ته خاڪن جي مسئلي تي مان سوشل ميڊيا بند ڪرڻ جو چيو، سوشل ميڊيا منهنجي ايمان کان وڏي شئي ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے