25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نقاب نٿي ڪري سگهان ڏاڙهي ڇڏي ڏيان؟ ريحام خان جو سياسي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت تي جواب

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي هڪ سياسي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي، جنهن تي مان جواب ڏنو ته نقاب نٿي ڪري سگهان. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ريحام خان چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي هڪ سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو ويو، جنهن تي مان جواب ڏنو ته نقاب نٿي ڪري سگهان، ڏاڙهي ڇڏي ڏيان؟ هن فرضي ڏاڙهي سان گڏ پنهنجي ايڊٽ ٿيل تصوير به جاري ڪندي مزاحيا انداز ۾ چيو ته ڏسو، مون کي ڏاڙهي ٺهي رهي آهي. ريحام خان شموليت جي دعوت ڏيڻ سياسي پارٽي جو نالو نه ٻڌايو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم نيڪٽا جي ڪردار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان نيڪٽا جي ڪردار جي جائزي لاءِ …