26 اربع , سيپٽمبر 2018

چونڊن لاءِ جيڪا تياري هن ڀيري ڪئي آهي، اها اڳ ڪڏهن ناهي ڪئي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مقابلي جو پهريون اصول اهو آهي ته مخالف اميدوار کي ڪڏهن به ڪمزور نه سمجهو، اسان جيتري تياري ڪئي آهي، اڳ ڪڏهن نه ڪئي هئي. اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 4 هزار ماڻهن پارٽي ٽڪيٽ لاءِ اپلائي ڪيو پر اڃا تائين رڳو 650 ماڻهن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن، پارٽي ٽڪيٽن جي معاملي تي گهرواري مون کي 3 هفتا پوڙهو ٿيندي ڏٺو، ڪيترائي سٺا اميدوار هئا پر ڪنهن هڪ کي ٽڪيٽ ڏيڻي هئي. هن چيو ته مان ٽڪيٽون ڏيڻ دوران جنهن عذاب مان گذريس، ڪڏهن ته اهڙي عذاب مان ناهيان گذريو، عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ ٽڪيٽ وڏو عذاب هو، مان ٻيهر اهڙي عذاب ۾ پوڻ نٿو چاهيان، ايندڙ پارٽي چونڊون وڙهي ايندڙ عورتن کي مخصوص سيٽن جي ٽڪيٽ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته پاناما ليڪس ۾ ن ليگ وارا وائکا ٿيا پر ان باوجود اهي سڄي ملڪ ۾ روئي رهيا آهن، موٽر وي ٺهيو پر ٻيڻي قيمت تي، اڌ پئسا هو پاڻ کائي ويا، لنڊن جي ملڪيت کانسواءِ به شريف خاندان جي ملڪيت سامهون اچي وئي آهي. عمران خان چيو ته شريف ۽ زرداري جا ڪاروبار ٻاهر آهن، انهن جو علاج به ٻاهر ٿيندو آهي، جڏهن زرداري ۽ شريف آيا ته ڊالر 60 رپيا هو، هاڻ ڊالر 125 رپيا ٿي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Imran Khan will continue to announce the name of the nation today

وزيراعظم عمران خان اڄ شام قوم جي نالي پيغام جاري ڪندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ سام قومي جي نالي پيغام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے