25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنجو رڪارڊ ڪمائي سان پهرين ڏينهن 34 ڪروڙ ڪمائي ورتا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي کل نائيڪ سنجي دت جي زندگي تي ٺهيل فلم “ سنجو” رليز جي پهرين ئي ڏينهن کڙڪي ٽوڙ بزنس ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. هدايتڪار راج ڪمار هيراڻي جي فلم سنجو ۾ سنجي دت جي زندگي ۾ ايندڙ لاهن ۽ چاڙهن کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. فلم ڏسي شوقين سنجي دت جي زندگي جي اهڙن رخ کان واقف ٿيندا جيڪي هن وقت تائين منظر تي نه اچي سگهيا. سنجو فلم ۾ اداڪار رنبير ڪپور سنجي دت جو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڀارتي تجزئي نگار ترن آدرش فلم جي پهرين ڏينهن جو ڪاروبار ٽوئٽر تي شيئر ڪيو آهي. سنجو پهرين ئي ڏينهن 34 ڪروڙ 75 لک رپين جي ڪمائي سان هلندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي. سنجو بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان جي فلم ريس ٿري کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. سنجو رنبير ڪپور جي ڪيريئر جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے