23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: شڪارپور: ڪٽا ڳوٺ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ  ڏيرن گوليون هڻي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

Shikarpur: Brother in laws killed their sister in law by firing as honor killing*شڪارپور  ويجهو ڪٽا ڳوٺ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ  ڏيرن گوليون هڻي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو.

  سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪٽا ڳوٺ ۾  ڏيرن خميسي ۽ راڻو جکراڻي پنھنج35 ورهين جي ڀاڄائي مسمات عمرزادي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ناري کي قتل ڪرڻ بعد ٻئي جوابدار واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويا جنھن بعد ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيل عمرزادي جي لاش کي سندس وارثن کڻائي سول اسپتال پھچايو.

 ان موقعي تي هنن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ هنن جي نياڻي کي  ڪارنھن جو ڪوڙو الزام هڻي  ناحق قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آھي.

ھنن  چيو تھ ظالم ڏير عمرزادي مٿان تشدد ڪندا ھئا،  گھر ۾ ٿيندڙ جھيڙي ۾ ھن کي قتل ڪري ڪارنھن جو الزام مڙھيو ويو آھي.

 ھوڏانھن شڪارپور اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد قتل ڪيل عمرزادي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي ، جڏھن تھ  واقعي جو ڪيس داخل نھ ٿي سگهيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

LakhaRoad

نيوز | لاکاروڊ : مختلف شهر ڏانهن ويندڙ روڊ جي حالت انتهائي خراب ، شهري سخت اذيت ۾ مبتلا  

لاکاروڊ شهر  انيڪ مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي گذريل 30 سالن کان مختلف شهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے