19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: هالا:  غازي  هال ۾ تعليمي صورتحال ۽ موجوده اليڪشن بابت سيمينار،اميداورن کان سوال جواب

Hala: Seminar about future election and educational system, Q/A session*هالا۾ تعليم رضاڪار رحمت الله ٻلال، زوهيب ڪاڪا ،رشيد ڏيٿو  پاران غازي  هال ۾ تعليمي صورتحال ۽ موجوده اليڪشن بابت سيمينار ڪوٺايو ويو.

سيمينار ۾  2018 جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ صوبائي ۽ قومي تڪن جي اميدوارن مخدوم فضل،  نصيراحمد ميمڻ ، حاجي سيد جلال شاھ ڄاموٽ ،ايم ڊبليو ايم مولانا دوست علي لغاري ، پي ٽي اي اميدوار رميش ڪمار، آزاد اميدوارثناملوکاڻي ،ايس يو پي اميدوارامير عباس لغاري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن تھ پ پ جي ڪنهن بھ اميدوار سيمينار ۾ شرڪت نھ ڪئي.

ان موقعي تي  پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن اميدوارن کان سوال ڪندي چيوته توهان ڪامياب ٿي  تعليم لاءَ ڇا ڪندا .

اميدوارن جواب ڏنو تھ هو مٽياري ضلعي سميت سموري سنڌ جي تعليم  جي بهتري لاءِ قدم کڻندا ۽ تعليم بهتر بڻائيندا.

هنن چيو تھ سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جي  ذميوار  پ پ سرڪار آهي.

سندن چوڻ هو تھ جيڪي پارٽيون  عوام جي مسئلن جي حل لاءَ دلچسپي نھ ٿيون رکن عوام انهن کي 2018 جي اليڪشن ۾ رد ڪري ڇڏيندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے