20 خميس , سيپٽمبر 2018

رشي ڪپور جو”سنجو“ جي مشهوري دوران سلمان خان تي وار

ممبئي(شوبز نيوز) رشي ڪپور سوشل ميڊيا تي پنهنجي حرڪتن جي سبب سخت تنقيد جو نشانو بڻجندو آهي پر پوءِ به مڙندو ناهي ائين ئي هڪ ڪم ان سنجو جي مشهوري دوران سلمان خان تي واري ڪري ڪيو آهي. جڏهن ته سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم”سنجو“ رليز ٿي وئي آهي ۽ ان ۾ رنبير ڪپور جي اداڪاري کي به ساراهيو ويو آهي، پٽ جي مسلسل ناڪاميون کان پوءِ تعريفن ٻڌي ڪري به گل نه ٿو پائي. رشي ڪپور 90 جي ڏهائي ۾ هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ اڪشي ڪمار، سلمان خان، سيف علي خان ۽ اجي ديوگن ، گڏجي بيٺل آهن ۽ انهن جي هٿن ۾ ڪارڊ ساڻ آهن جنهن ۾ لکيل آهي ته”سنجو اسان توهان سان گڏ آهيون“ اصل ۾ هي تصوير ان وقت جي آهي جڏهن عدالت سنجي دت کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار قرار ڏيندي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، سزا کان پوءِ  سنجي دت جي حمايت ۾ بالي ووڊ جي ڪيترن ئي اداڪارن سنجي دت جي حمايت ۾ مظاهرا ڪيا هئا. رشي ڪپور هن تصوير کي ٽوئٽ ڪندي 4 سپر اسٽارن جو شڪريو ادا ڪندي لکيو آهي ته هي چار ئي اداڪار ان وقت کان ”سنجو“ جي مشهوري ڪري رهيا هئا. ياد رهي ته  سلمان خان ”سنجو ۾ سنجي دت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ رنبير ڪپور کي چونڊڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے