26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي ٻارن جي اغوا جي افواهن سبب 14 ڄڻا قتل

نئي دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي ٻارن جي اغوا ڪرڻ  افواهه پکڙجڻ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 14 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.  جڏهن ته ڀارت جي ڪيترن ئي رياستن ۾ سوشل ميڊيا بالخوصوص واٽس ايپ تي اهڙا ويڊيوز گردش ڪري رهيا آهن جيڪي ٻارن کي اغوا ڪرڻ وارو گروهه ڀارت ۾ سرگرم ٿي ويا آهن. ان ويڊيو ۽ پيغامن جي نتيجي  ۾ ڀارت جي 10 رياستن ۾ اهڙا ڪيترا ئي واقعا پيش اچي چڪا آهن جنهن ۾ مقامي ماڻهن ڪنهن به نئين شخص کي اغوا ڪار سمجهي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. ڪوڙين خبرن جي نتيجي ۾ شهرين  جي تشدد ۾ 14 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا آهن. جيڪي بي گناهه ۽ بي قصور آهن، ان سوشل ميڊيا ويڊيوز جي سبب شهرين ۾ سخت بي اعتباري ۽ عدم اعتماد جي ڪيفيت ختم ٿي وئي  آهي جنهن جي سبب شهري ڪنهن نئي ماڻهو کي ڏسندي ان کي پڪڙي مارڻ شروع ڪن ٿا.  پوليس شهرين کي سوشل ميڊيا تي پکڙيل افواهن ۽ ويڊيوز تي ڌيان نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. ۽ تازو واقعو ڀارتي رياست تري پوره ۾ پيش آيو آهي جتيماڻهن هڪ شخص کي ٻارن جو اغوا ڪار هجڻ جي شڪ ۾ ان تي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، بعد ۾ خبر پئي ته هو هڪ سرڪاري ملازم هو  جنهن کي رياستي حڪومت سوشل ميڊيا تي ڪوڙين افواهن کان شهرين کي آگاهه ڪرڻ جي ذميواري ڏني هئي. ڀارت ۾ ماڻهن جي هٿان تشدد سان قتل ڪرڻ جي هڪ نئي لهر  پکڙجي وئي آهي، ان کان پهريان مسلمانن خلاف منظم مهم هلي هئي، جنهن دوران ڪيترن مسلمانن کي ڳئون زبح ڪرڻ جي الزام ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو. هي ڪيفيت ۽ ڀارتي عوام ۾ برداشت ۽ کليل سوچ کي ظاهر ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

موجوده حڪومت چين جي اعتماد کي نقصان رسايو جنهن سبب آرمي چيف کي اُتي وڃي وضاحت ڏيڻي پئي: مولانا فضل الرحمان

ملتان(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے