22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو آخري ڏينهن، جاويد هاشمي چونڊن تان هٿ کڻي ويو

The final form of polling scam will be given today for the general electionاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ اميدوارن لاءِ چونڊن تان هٿ کڻڻ جو آخري ڏينهن آهي. عام چونڊن لاءِ ٽي مرحلا طئي ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا. ملتان مان قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ سينئر سياستدان جاويد هاشمي چونڊن تان هٿ کڻي ويو آهي. رٽرننگ آفيسر موجب جاويد هاشمي اين اي 155 ۽ اين اي 158 تان نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا. اسلام آباد جي ٽنهي سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن ٽڪيٽون رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. تحريڪ انصاف طرفان اين اي 152 تان راجا خرم نواز، اين اي 153 تان پارٽي چيئرمين عمران خان ۽ اين اي 154  تي اسد عمر پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي آهي.  اين اي 153 تي عمران خان جي ڪورنگ اميدوار علي بخاري نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا. مجلس عمل طرفان اين اي 53 ۽ 54 ۾ ميان اسلم پنهنجي پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي جڏهن ته ن ليگ اميدوار انجم عقيل اين اي 54 تان پنهنجي پارٽي ٽڪيٽ رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي. راولپنڊي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 60 تان متحده مجلس عمل جي رضا احمد شاهه نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا. راولپنڊي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 13 تان مسلم ليگ ن جي اميدوار چوڌري سرفراز افضل پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. پ پ جي اميدوار شهلا رضا قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 243 ڪراچي لاءِ ٽڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته اين اي 242 تان مسلم ليگ ن جي حاجي شرافت علي پارٽي ٽڪيٽ آر او کي جمع ڪرائي وئي آهي. ڪراچي جي ئي قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 245 تان پ پ جي فرخ نياز تنولي پارٽي ٽڪيٽ آر او وٽ جمع ڪرائي وئي، ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 92 تان پ پ جي اميدوار راڻا شاهد رٽرننگ آفيسر کي پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏي جڏهن ته پي ايس 104 تان عوامي نيشنل پارٽي جي اميدوار نور الله اچڪزئي نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے