21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پيپلز پارٽي اميدوارن کان اڳواٽ استعيفيٰ ۽وفاداري جو قسم وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ بلاول هائوس لاهور کان سينٽرل پنجاب جي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. اميدوارن لاءِ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ وقت 100 رپين جي اسٽام پيپر تي قيادت کان وفاداري جو قسم نامو، سادي ڪاغذ تي اسيمبلي جي اسپيڪر جي نالي اڳواٽ استعيفيٰ ۽ اسيمبليءَ ۾ فلور ڪراسنگ ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پارٽي کي ڪارروائي جو اٿارٽي ليٽر ڏيڻو پوندو. صوبائي اسيمبلي لاءِ هڪ لک رپيه ۽ قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ تي 2 لک رپيه في ختم ڪئي وئي آهي. پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ لاءِ  صوبائي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون جو عملو بلاول هائوس ۾ ڊيوٽي ڏيندو. ڏکڻ پنجاب جي اميدوارن کي پ پ سيڪريٽريٽ ملتان ۾ عبدالقادر شاهين جي نگراني ۾ اڌ کان وڌيڪ پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے