23 آچر , سيپٽمبر 2018

اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي احد چيما خلاف نيب ريفرنس داخل

Acquisition Housing Scandal: Ahad Cheema 90 days Body Remedy Jail Referralلاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب طرفان اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. احد چيما خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪيل ڪرپشن کي بنياد بڻايو ويو آهي. احمد چيما تي الزام آهي ته هن غير قانوني طريقي سان نه رڳو ملڪيتون ٺاهيون پر پيرا گون سٽي جي غير قانوني ٺيڪن ذريعي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. نيب طرفان ريفرنس ۾ احد چيما خلاف هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي باضابطگين جو الزام هنيو ويو آهي. نيب احد چيما جي گرفتاري کانپوءِ حاصل ڪيل ڄاڻ جي بنياد تي نه رڳو مختلف ليپ ٽاپس مان اهم ڊيٽا حاصل ڪئي پر اهم گرفتاريون به ڪيون آهن. مختلف ڇاپن ذريعن سموريون شاهديون حاصل ڪرڻ کانپوءِ احد چيما خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے