24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيب 56 ڪمپنين جي اسڪينڊل ڪيس ۾ 23 آفيسرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب پنجاب جي 56 ڪمپنين جي اسڪينڊل ڪيس ۾ انڪوائري ڪندي 23 آفيسرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي 56 ڪمپنين جي اسڪينڊل ڪيس ۾ نيب قائد اعظم سولر پارڪ جي سي اي او نجم شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي جڏهن ته قائد اعظم سولر پارڪ جيئي چيف فنانشل آفيسر راشد مجيد جو نالو به شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. نيب طرفان سي اي او پنجاب پاور ڊولپمينٽ فرخ شاهه ۽ گوجرانوالا ويست مئنيجمينٽ ڪمپني جي سي اي او عطاءَ الحق جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے