20 خميس , سيپٽمبر 2018

مسلم ليگ ن جي رجسٽريشن خلاف درخواست تي نواز شريف اليڪشن ڪميشن ۾ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن جي رجسٽريشن خلاف درخواست تي پارٽي جي تاحيات قائد نواز شريف کي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ ن جي رجسٽريشن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواست عوامي تحريڪ جي نياز انقلابي داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نااهل ڪيو آهي ۽ نااهل شخص جي نالي تي پارٽي نه ٿي رهي سگهي، اها آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.  درخواست ۾ نواز شريف جي نالي سان پارٽي رجسٽريشن نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ 2017ع جي فيصلي جي روشني ۾ ڪارروائي ڪري. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي درخواست تي نواز شريف کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 9 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے