25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

انيل ۽ سونم ڪپور پهريون ڀيرو وڏي اسڪرين تي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار انيل ڪپور ۽ سندس ڌيءُ سونم ڪپور پهريون ڀيرو وڏي اسڪرين تي گڏ نظر ايندا. 1994ع ۾ رليز ٿيل فلم ”1942 اي لو اسٽوري“ جو شمار ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي يادگار ۽ ڪلاسيڪل فلمن ۾ ٿيندو آهي، جنهن جو مشهور گيت ”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“ اڄ به ماڻهو شوق سان ٻڌن ٿا. هاڻ انيل ڪپور 24 ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ان خوبصورت موسيقي سان وڏي اسڪرين تي اچي رهيو آهي. فلم ”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“ ۾ انيل ڪپور مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندو، جڏهن ته فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ سندس ڌيءُ سونم ڪپور جو به اهم ڪردار شامل آهي ۽ پهريون ڀيرو پيءُ ۽ ڌيءُ وڏي اسڪرين تي گڏ نظر ايندا. فلم جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو 15 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي. ٽيزر مان ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فلم جي ڪهاڻي پيءُ ۽ ڌيءُ جي جذباتي رشتي جي چوڌاري گهمي ٿي. فلم ۾ سينيئر اداڪارا جوهي چاولا به اهم ڪردار نڀائيندي نظر ايندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے