23 آچر , سيپٽمبر 2018

نشانو رڳو ن ليگ آهي، ڌانڌليءَ جي نئين تاريخ لکي پئي وڃي: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڌانڌلي جي نئين تاريخ لکي پئي وڃي، اهو عمل نه روڪيو ويو ته نتيجا عبرتناڪ هوندا. لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ساڳين ڪيسن ۾ ٻين جا فيصلا مختلف ۽ اسان جا فيصلا مختلف پيا اچن، گذريل ڪيترن ئي مهينن جو رڪارڊ کڻي ڏسو، رڳو مان ۽ منهنجا ساٿي نشانو بڻيا آهن. هن چيو ڪڏهن دانيال عزيز ته ڪڏهن وري شاهد خاقان عباسي کي نااهل قرار ڏنو ويندو آهي، سندن نااهليءَ تي افسوس آهي، نيب رٽرننگ آفيسرن ۽ ٻين جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، اها هڪ خطرناڪ راند آهي، چونڊن کان اڳ ڌانڌلي شروع ڪئي وئي آهي، قمر الاسلام جي گرفتاري چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جو ثبوت آهي. سندس چوڻ هو ته هن وقت اهڙي ذهني ڪيفيت آهي جو سياسي معاملن تي ڳالهائڻ کان پاسو پيو ڪيان، ان وقت منهنجو سڄو ڌيان پنهنجي گهرواري جي صحت تي آهي پر مان پاڻ کي قومي فرض کان پري به نٿو رکي سگهان. نواز شريف چيو ته هيءَ جيڪا راند کيڏي پئي وڃي، اها پاڪستان لاءِ سدائين خطرناڪ ثابت ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے