21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪي پي جي نگراني ڪابينا چئن مهينن جي بجيٽ منظور ڪري ورتي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي نگران ڪابينا 4 مهينن لاءِ هڪ لک 98 ارب 90 ڪروڙ رپين جي ماليت جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خيبر پختونخواهه جي ڪابينا اجلاس ۾ نگران ڪابينا 4 مهينن جي بجيٽ جي منظوري ڏني. بجيٽ ۾ خرچن لاءِ هڪ لک 45 ارب 40 ڪروڙ رپيا، ترقياتي رٿائن لاءِ 53 ارب 10 ڪروڙ رپيا ۽ بجيٽ ۾ پگهارن جي مد ۾ 84 ارب 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. نان سيليري بجيٽ لاءِ 61 ارب 60 ڪروڙ رپيا، پينشنرز لاءِ 20 ارب رپيا ۽ ضلعي حڪومتن لاءِ 66.4 ارب رپيا رکيا ويا. پگهارن جي مد ۾ ضلعي حڪومتن کي 46.7 ارب رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ گرانٽ ۾ 9 ارب 80 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. نگران ڪابينا صحت لاءِ 2 ارب 79 ڪروڙ رپيا، شروعاتي ۽ ثانوي تعليم لاءِ 3 ارب 39 ڪروڙ رپيا رکيا، روڊن جي تعمير ۽ بحالي لاءِ 3 ارب رپيا، جڏهن ته اعليٰ تعليم لاءِ هڪ ارب 62 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، جڏهن ته هائوس رينٽ الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے