20 خميس , سيپٽمبر 2018

پي آءِ اي طرفان 18 سالن کان گهٽ عمر جي مسافرن جي اڪيلي سفر تي پابندي  

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي آءِ اي انتظاميه 18 سالن کان گهٽ عمر جي مسافرن تي اڪيلي سر سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. دبئي ايئرپورٽ اٿارٽي ۽ دبئي اميگريشن جي هدايت کانپوءِ پي آءِ اي 18 سالن کان گهٽ عمر جي مسافرن بابت نئون فيصلو ڪيو آهي. هاڻي 18 سال کان گهٽ عمر جي مسافرن کي اڪيلي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. پي آءِ اي انتظاميه انٽرنيشنل ايئرپورٽ ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن ۽ سمورن سيلز آئوٽ ليٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته دبئي جي اختيارين 18 سالن کان گهٽ عمر جي مسافرن جي اڪيلي سفر ڪرڻ جي جي اجازت فوري طور روڪي ڇڏي آهي. دبئي اٿارٽي هدايت ڪئي آهي ته اهڙو ڪو مسافر اچي ته فوري طور کيس ڊي پورٽ ڪيو وڃي. خط ۾ سمورن سيلز آئوٽ ليٽ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر اڪيلي مسافر کي ٽڪيٽ نه جاري ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے