23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيب حسن ۽ حسين نواز کي انٽرپول ذريعي گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

The meeting of the NAB chairman, the Standing Committee, decided to shut down the committeeلاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب جو چونڊن سان ڪوبه تعلق ناهي، اميدوار چونڊ مهم به هلائن، جڏهن نيب گهرائي ته پيش به ٿين، نيب حسن، حسين نواز کي انٽرپول ذريعي گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب جي آفيسر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته اسان جو ڪو به سياسي ارادو ناهي ۽ ڪنهن کي پارٽي کي ٽارگيٽ نه پئي ڏني وڃي، قانون تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي جيڪو نه ڪندو تنهن کان ڪرايو ويندو. هن چيو ته نيب جو چونڊن سان ڪو به تعلق ناهي، نيب جي نوٽيسن تي هر حال ۾عمل ڪرايو ويندو،  نوٽيس قانون موجب موڪليا پيا وڃن، نوٽيس جاويد اقبال جو ذاتي دعوت نامو ناهي، اميدوار چونڊ مهم به هلائن ۽ نيب گهرائي ته پيش به ٿين.  سندس چوڻ هو ته ڌمڪين کانپوءِ گهر کي تالو هڻي نه ٿو ويهي سگهجي، ڪم تي ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نيب اليڪشن کان اڳ به ڪم ڪري رهي هئي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ چونڊن بعد به ڪارروائي جاري رهندي. جاويد اقبال چيو ته سياسي ماڻهو به نيب ۾ انشاءَ الله پيش ٿيندا، اڄ ڪلهه چونڊن جي هنگامي واري صورتحال آهي، تنهن ڪري اسان کين موقعو ڏئي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے