20 خميس , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس طرفان اقليتن جي حقن بابت فيصلي تي عملدرآمد جي رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اقليتن جي حقن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وفاق ۽ صوبن کان عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 17جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار  اقليتن جي حقن بابتڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مان پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ گهڻو سنجيده آهيان، جيڪڏهن عملدرآمد نه ٿي ته فيصلا جاري ڪرڻ جو ڪو به فائدو ناهي. سپريم ڪورٽ لا ايندڙ جسٽس ڪميشن کي اٽارني جنرل جي معاونت جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کي سبب پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  عدالت وفاق ۽ صوبن کان عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے