19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڀارتي شهر ممبئي ۾ چارٽرڊ جهاز ڪري تباهه، پائليٽ سميت پنج ڄڻا فوت

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي شهر ممبئي ۾ هڪ ننڍو چارٽرڊ جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ پائليٽ سميت پنج ڄڻا فوت ٿي ويا. هندستان ٽائيمز موجب ممبئي ۾ جوهو ايرو ڊروم تان اڏام ڪندڙ چارٽرڊ جهاز سارووڊي نگر ويجهو لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو. رپورٽ موجب اڏاوتي سائيٽ تي ڪرڻ سبب جهاز ۾ باهه لڳي وئي، حادثي ۾ فوتين ۾ پائليٽ، 3مسافر ۽ هڪ واٽهڙو شامل آهي.  رپورٽس موجب حادثي جو شڪار ٿيل 12 سيٽن وارو جهاز اتر پرديش جي حڪومت جو هو، جيڪو1995ع کان استعمال ڪيو پئي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different cities

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے