26 اربع , سيپٽمبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري کي اين اي 67 جهلم تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

The PTI's Chief Election Commissioner is required to amend the letter of the letter, Federal and Provincial Home Secretaryلاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي فواد چوڌري کي سندس اباڻي تڪ مان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ فواد چوڌري جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. فواد چوڌري لاهورهاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل تي موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل موجب پرڏيهه ملڪ دورن تي 32 لک خرچن جا تفصيل فراهم نه ڪيا ويا آهن، ٽربيونل حقيقت جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا. اپيل ۾ چيو ويو ته ٽربيونل موجب اثاثن جا تفصيل فراهم نه ڪيا ويا آهن، ٽربيونل نامزدگي ڪاغذن سان ڳنڍيل سندس اثاثن جي دستاويزن جو جائزو نه ورتو، نامزدگي ڪاغذن ۾ ايف بي آر جي تصديق ٿيل ڪاپي لڳائي وئي، ٽربيونل دستاويزن کي نظرانداز ڪندي نااهل قرار ڏنو تنهن ڪري سندس فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.  عدالت شروعاتي ٻڌڻي کانپوءِ فواد چوڌري جانامزدگي ڪرڻ جي اپليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي جهلم جي تڪ اين اي 67 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ٽربيونل سميت ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے