22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پي آءِ اي ۾ پائليٽس کانسواءِ ڀرتين تي پابندي، اسپيشل آڊٽ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي جهازن تي هرڻ جي تصوير جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پائلٽ کانسواءِ پي آءِ اي ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي ڇڏي جڏهن ته هوا بازي بابت صلاحڪار شجاعت عظيم کي عارضي طور پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت آڊيٽر جنرل کي پي آءِ اي جي اسپيشل آڊٽ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته پسند ۽ ناپسند سبب اداري کينقصان پهتو، هرڻ جي تصوير لڳائڻ بدران باٿ رومز کي بهتر ڪيو وڃي.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ پي آءِ اي جي جهازن تي هرڻ جي تصوير بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران هوا بازي بابت صلاحڪار شجاعت عطيم پنهنجي وڪيل سميت عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پرڏيهه وڃڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شجاعت عظيم ضروري ڪم لاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو، هو عدالت کي پڪ ڪرائي ٿو ته مقرر وقت تي واپس اچي ويندو، عدالت درخواست منظور ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس پائليٽ کانسواءِ پي آءِ اي ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽آڊيٽر جنرل کي پي آءِ اي ۾ اسپيشل آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس جي فيصلي تائين ڀرتي نه ٿيندي ۽ نه ڪنهن کي ڪڍيو ويندو.هن چيو ته پسند ۽ نا پسند سبب اداري وڏو نقصان پهتو، هرڻ جي تصوير بدران باٿ رومز کي بهتر ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن هائوسنگ سوسائٽيز ۾ فارم هائوس بڻائي ڇڏيا آهن، پي آءِ اي جي انتظاميه مضبوط هٿن ۾ هئڻ گهرجي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے