19 اربع , سيپٽمبر 2018

شاهد خاقان عباسي ۽ فواد چوڌري نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري پنهنجي اباڻن تڪن مان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي وڪيل خواجه طارق رحيم ذريعي لاهرو هاءِڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ نااهلي جي فيصلي کي چئلينج ڪيو. شاهد خاقان عباسي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اپيلٽ ٽربيونل اختيار اورانگهيا آهن ۽ ٽربيونل کي تاحيات نااهلي جو ڪو به اختيار ناهي. درخواست ۾ اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري هاءِ ڪورٽ ۾ داخل پنهنجي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل موجب پرڏيهه ملڪ دورن تي 32 لک خرچن جا تفصيل فراهم نه ڪيا ويا آهن، ٽربيونل حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ٽربيونل موجب اثاثن جا تفصيل فراهم نه ڪيا ويا آهن، ٽربيونل نامزدگي ڪاغذن سان ڳنڍيل اثاثن جي دستاويزن جو جائزو نه ورتو، ٽربيونل لڳل دستاويزن کي نظرانداز ڪري نااهل قرارڏنو تنهن ڪري ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي سعودي فرمانروا سان ملاقات

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جون سعودي فرمانروا سميت ٻين اختيارين سان ملاقاتون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے