22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

منهنجي جاءِ تي هاڻي والد چونڊن ۾ حصو وٺندو: دانيال عزيز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توهين عدالت ڪيس ۾ سزا مليل  اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته منهنجي جاءِ تي هاڻي منهنجو والد چونڊ وڙهندو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته منهنجي والد منهنجي تڪ مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن هاڻي اهو ئي چونڊن ۾ حصو وٺندو. هن چيو ته منهنجي خلاف توهين عدالت جا 3 الزام هئا، عدالت پهرين چارج ۾ بري ڪيو،ڪجهه مهينا اڳ جي چارج تي عدالت جو وقت ختم ٿيڻ تائين سزا ڏني وئي. هن چيو ته پهرين چارج جي واهد شاهد اعتراف ڪيو ته مان اهي لفظ چيا ئي نه آهن، جڏهن عدالت ۾ وڊيو هلائي وئي مقامي چينل جي آڊيو ۾ ٽون  هلي يعني اهي لفظ چيا ئي نه ويا ۽ مقامي چينل کي اها وڊيو ڪنهن ٻي ذريعي وٽان ملي. سندس چوڻ هو ته سندس خلاف ٽئين چارج عمران خان بابت فيصلي تي سندس ڪجهه جملن جي ادائيگي بابت هئي. دانيال عزيز چيو ته يوسف رضا گيلاني پنج سال جيل ڀوڳيو ته وزيراعظم ٿي ويو، مان نه جيل ڀوڳيو ۽ نه وري يوسف رضا گيلاني وانگر عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي جڏهن ته عدالتي فيصلي تي اسان لاڪ ڊائون يا وري اسلما آباد تي حملو نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته عدالتن کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي آهي، عدالتي فيصلو پڙهي قانوني طور اڳڀرائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے