21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ دانيال عزيز کي نااهل قرار  ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال عزيز کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ دانيال عزيز خلاف محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.  عدالت مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال عزيز کي توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏندي عدالت جي اٿڻ تائين سزا ڏني جڏهن ته دانيال عزيز پنجن سالن لاءِ چونڊ نه وڙهي سگهندو. چيف جسٽس ثاقب نثار دانيال عزيز کي ٽي وي ٽاڪ شوز دوران عدليه مخالف بيانن تي 2 فيبروري تي توهين عدالت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ جوڙي هئي. 13 مارچ تي دانيال عزيز تي توهين عدالت جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو پر هن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. دانيال عزيز جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل رڳو عدالت جي فيصلن تي تنقيد ڪئي، ڪنهن جج خلاف توهين جوڳو بيان نه ڏنو آهي. 3 مئي تي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته دانيال عزيز عدليه کي تڪراري بڻايو ۽ جج خلاف توهين آميز رمارڪس ڏنا. عدالت جو وقت ختم ٿيڻ شرط دانيال عزيز کي مليل سزا به ختم ٿي وئي پر سزا ٿيڻ بعد هو پنجن سالن تائين چونڊ وڙهڻ جو اهل نه رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے