20 خميس , سيپٽمبر 2018

منهنجو تڪ تبديل ناهي ڪيو ويو پر تڪ جو اعلان ئي اڄ ٿيو آهي: مريم نواز

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ  مريم نواز وضاحت ڪندي چيو آهي ته منهنجو تڪ تبديل ناهي ڪيو ويو پر منهنجي تڪ جو اعلان ئي اڄ ٿيو آهي. هن اعلان ڪيو ته ماءُ جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي پاڪستان واپس ويندس.  لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اين اي 125 جي لاءِ درخواست ڏني هئي پر پارٽي فيصلو ڪيو ته اين اي 127 تان اليڪشن وڙهندس، پارٽي قيادت جتان چوندي اُتان اليڪشن وڙهندس. مريم نواز چيو ته هي 2018ع آهي ۽ قوم جاڳي رهي آهي، ماڻهن اسان جي جلسن کي ڪامياب بڻايو . هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اميدوارن کي شينهن جي نشان کان محروم ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے