26 اربع , سيپٽمبر 2018

مستقبل ۾ خلائي مخلوق گهڻو ڪجهه ڪرڻ واري آهي: منظور وساڻ جي اڳڪٿي

سکر(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ خلائي مخلوق گهڻو ڪجهه ڪرڻ واري آهي. اها اڳڪٿي هن نامزدگي وارا ڪاغذ رد ٿيڻ کان پوءِ ڪئي. هن چيو ته جيڪو خلائي مخلوق سان گڏ هوندو، ان کي مهلت ملندي، ضد ڪرڻ وارا ٻاهر ٿي ويندا. مظور وساڻ اهو به انڪشاف ڪيو ته جي ڊي اي (گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس) بڻيو ئي ان ڪري جو  خلائي مخلوق ان جي مدد ڪري. هن الزام لڳايو ته جي ڊي اي جي پهرين ترجيح اليڪشن ملتوي ڪرائڻ آهي، جي ڊي اي جي خواهش تي آفيسر به مقرر ٿي رهيا آهن. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ بارگينگ ڪئي ويندي،  پهرين ئي چئي چڪو آهيان ته اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويندا. پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته مون سوچيو هو ته ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيندا پر اها خبر نه هئي ته آئون پاڻ ئي  متاثر ٿيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا سان وڌيڪ ڳالهيون ممڪن ناهن: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) هڪ چيني حڪومتي اهلڪار چيو آهي ته آمريڪا سان واپاري تڪرار ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے