23 آچر , سيپٽمبر 2018

پ پ سينٽرل پنجاب جي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينٽرل پنجاب جي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اين اي 58 تان راجا پرويز اشرف، اين اي 70 تان قمر زمان ڪائرا، اين اي 114 تان مخدوم فيصل صالح حيات چونڊن ۾ حصو وٺندا. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي منظوري سان جاري ٿيندڙ فهرست موجب تڪ نمبر اين اي 52 تان محمد فضل کوکر، اين اي 53 تان سبطن الحسن بخاري، اين اي 54 تان راجا عمران اشرف، اين اي 55 تان سردار ذوالفقار حيات، اين اي 56 تان سردار سليم حيدر، اين اي 58 تان راجا پرويز اشرف کي نامزد ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ تڪ نمبر اين اي 59 تان ڪامران اسلم چوڌري، اين اي 60 تان مختار عباس، اين اي 61 تان حاجي گلزار اعواڻ، اين اي 62 تان سميرا گل، اين اي 64 تان جبار احمد، اين اي 65 تان ملڪ هاشم خان، اين اي 66 تان تسنيم ناصر گجر، اين اي 67 تان فياض اسلم، اين اي 68 تان چوڌري اظهر اقبال، اين اي 69 تان مسز وزيرالنساءَ ۽ اين اي 70 تان قمر زمان ڪائرا پ پ جو اميدوار هوندو. فهرست موجب تڪ نمبر اين اي 71 تان چوڌري احسان، اين اي 72 تان ملڪ طاهر اختر، اين اي 73 تان ضرار محمود ملڪ، اين اي 74 تان مسز نرگس فيض ملڪ، اين اي 75 تان ڊاڪٽر ظهير الحسن، اين اي 76 تان ياسر مشتاق باجوا، اين اي 77 تان محمد نواز، اين اي 79 تان چوڌري اعجاز احمد کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. تڪ نمبر اين اي 80 تان رائو اڪرام خان، اين اي 81 تان محمد انس امجد چوڌري، اين اي 82 تان محمد اسحاق، اين اي 84 تان چوڌري ذوالفقار علي، اين اي 85 تان آصف بشير ڀاگٽ، اين اي 86 تان فخر عمر حيات لاليڪا، اين اي 88 تان اظهار الحسن، اين اي 89 تان محمد اسلم چونڊ وڙهندو. تڪ نمبر اين اي 90 تان تسنيم احمد قريشي، اين اي 91 تان طارق محمود گجر، اين اي 93 تان آغا نسيم عباس، اين اي 94 تان صفدر علي، اين اي 95 تان محمد خالد خان، اين اي 96 تان خالد اعواڻ، اين اي 99 تان مخدوم اسد حيات، اين اي 100 تان عنايت علي شاهه ۽ اين اي 101 تان طارق باجوا کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. تڪ نمبر اين اي 102 تان راءِ محمد شاهه جهان کرل، اين اي 103 تان شهادت خان بلوچ، اين اي 104 تان راڻا فاروق سعيد خان، اين اي 106 تان چوڌري سعيد اقبال، اين اي 107 تان ملڪ سردار محمد، اين اي 108 تان ملڪ اصغر علي قيصر، اين اي 109 تان حاجي محمد افضال، اين اي 111 تان حاجي محمد اسحاق، اين اي 114 تان مخدوم فيصل صالح حيات کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ ٻين تڪن تان چونڊ وڙهندڙ اميدوارن جي نالن جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے