23 آچر , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ٽربيونل کي تاحيات نااهليءَ جو اختيار ناهي، فيصلو چئلينج ڪندس: شاهد خاقان عباسي

Shahid Khaqiq Abbasi challenged the decision to reject the nomination papers on NA-53اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ٽربيونل جج منهنجي ذات تي حملا ڪيا آهن، ڪنهن کي به ان جو حق آهي، اليڪشن ٽربيونل کي تاحيات نااهليءَ جو اختيار ناهي، فيصلو چئلينج ڪندس. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته لڳي ائين ٿو ته ٽربيونل جج جي سياستدانن سان دشمني آهي، ٽربيونل جج جي ذاتي ريمارڪس سان ڏاڍو ڏک پهتو. هن چيو ته ٽربيونل جج پنهنجي فيصلي ۾ مون کي مافيا چيو، جج منهنجي ذات تي حملا ڪيا، اليڪشن ٽربيونل کي آرٽيڪل 62، 63 تي نااهلي جو اختيار ناهي، اليڪشن ٽربيونل وڌ کان وڌ نامزدگي ڪاغز رد ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اها اليڪشن پٽيشن هئي، منهنجي خلاف ڪنهن قسم جو ڪيس نه هو، پيءُ 1974ع ۾ گهر ورتو، اها ئي ملڪيت ظاهر ڪئي، اثاثن جي مارڪيٽ ويليو جي معاملي تي مون کي نااهل ڪيو ويو، اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي چئلينج ڪندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے