25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيندي 15 ڏينهن ۾ 5 ارب رپيا ضمانت طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواستن تي فيصلي تائين قومي احتساب بيورو (نيب) کي بحريا ٽائون جي خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي.  عدالت بحريا ٽائون ڪراچي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيندي حڪم جاري ڪيو ته بحريا ٽائون الاٽيز مان رقم وصول ڪري سگهندو. الاٽيز مان وصول رقم جو 20 سيڪڙو عدالت ۾ جمع ڪرائڻو پوندو، باقي 80 سيڪڙو رقم ترقياتي ڪم ۽ پگهارن ۾ خرچ ٿيندي، اڪائونٽ جي ماهوار آڊٽ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. چيف جسٽس چيو ته بحريا ٽائون نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي موڪلن بعد پنج رڪني لارجر بينچ ڪندي. بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض عدالت ۾ چيو ته قرآن جو قسم آهي ڪنهن کي ڪجه به ناهي چيو، سڄي ملڪ ۾ سمورا بلڊر ائين ئي ڪم ڪندا آهن، مون به قانون جي موجب ڪم  ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي سالن ۾ ايڏو وڏو شهر ڪير به تيار نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته ملڪ رياض صاحب توهان سان انصاف ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿر ۾ ٻارڙن جو موت خوراڪ جي کوٽ سبب نه ٿي رهيو آهي: سعيد غني 

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ٿر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے