21 جمعو , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ امن جو رستو سخت پر عمل جوڳو آهي: مليحا لوڌي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحا لوڌي جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ امن جو رستو سخت پر عمل جوڳو آهي. پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي سلامتي ڪونسل ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي سان امن ۽ سلامتي جا امڪان روشن ٿي ويا آهن، عيدالفطر  تي ٽي ڏينهن واري سيزفائر سان جنگ ۾ 17 سالن بعد غير امڪان رنڊڪ آئي آهي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن جي لاءِ جنگ بندي مان اميد ۽ موقعا پيدا ٿيا آهن. مليحا لوڌي چيو ته طالبان جي قيادت ۾ سياسي حل جي لاءِ ڳالهين تي ڪافي هڪ جهڙائي آهي، موقعي مان فائدو وٺندي افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪيون وڃن، اشرف غني ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير طالبان سان پرڏيهي فوجن جي معاملي تي ڳالهين جو اشارو ڏنو آهي. مليحا لوڌي چيو ته دنيا جي طاقتور ترين فوجن جي 17 سالن واري جنگ به افغانستان جو مسئلو حل نه ڪري سگهي، افغانستان ۾ امن جو رستو سخت آهي پر عمل جوڳو آهي پر ڳالهين واري عمل جي ذريعي امن جي ڳولها افغان حڪومت، پاڙيسري ۽ عالمي برادري جي ترجيح آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے