21 جمعو , سيپٽمبر 2018

تحريڪ لبيڪ جو اشرف جلالي اين ي 81 تان اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ نااهل

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ اشرف جلالي کي اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.  تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ايپلٽ ٽريبونل ۾ اين اي 81 گوجرانوالا تان تحريڪ لبيڪ جي مولانا اشرف آصف جلالي جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ايپلٽ ٽريبونل اپيل منظور ڪندي اشرف جلالي جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪرڻ جو ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ايپلٽ ٽريبونل اشرف آصف جلالي کي اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. درخواستگذار ن ليگ جي ڪورنگ اميدوار عاطف فريد صابر موقف اختيار ڪيو ته اشرف جلالي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ٽيڪس ريٽرن جو ذڪر ناهي ڪيو، ڪاغذن ۾ سندس تجويز ڪندڙ ۽ تائيد ڪندڙ جي به صحيح ناهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي باوجود اشرف جلالي ريٽرننگ آفيسر کي پنهنجو پاسپورٽ جمع ناهي ڪرايو ته هو ڪيترا ڀيرا پرڏيهه ويو، هو آرٽيڪل 63-62 جي تحت اليڪشن وڙهڻ جي اهل ناهي رهيو. درخواستگذار اپيل ڪئي ته عدالت ريٽرننگ آفيسر جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي اشرف جلالي کي اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي. اليڪشن ايپلٽ ٽريبونل اپيل منظور ڪندي اشرف آصف جلالي کي اين اي 81 تان چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڊيالا جيل ۾ حنيف عباسي جي تصوير واري معاملي جي جاچ شروع

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ نواز شريف ۽ حنيف عباسي جي تصوير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے