23 آچر , سيپٽمبر 2018

سينيٽ ۾ بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي اجلاس دوران اسد دراني جي ڪتاب تي خدشا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ميمبرن اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) اسد دراني کي ڀارتي هم منصب سان گڏ تڪراري ڪتاب لکڻ جي معاملي تي ڪميٽي ۾ طلبي جو اشارو ڏنو آهي. ميمبرن جي اڪثريت ڪتاب تي خدشن جو اظهار ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته اسٽيڊنگ ڪميٽي پاڪ فوج تحت ان تڪراري ڪتاب جي جاچ لاءِ تجويزن کان به آگاهه ڪيو آهي. اجلاس ڪميٽي جي نئين چيئرمين سينيٽر اعظم سواتي جي صدارت ۾ ٿيو. پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ جي تجويز تي اجلاس کي ان ڪئميرا ڪيو ويو ۽ ميڊيا جا نمائندا ٻاهر هليا ويا، بند ڪمري جي اجلاس دوران بچاءَ واري وزارت جي لاڳاپيل اختيارين تڪراري ڪتاب لکڻ جي معاملي تي پاڪ فوج جي واضح موقف بابت ڪميٽي ميمبرن کي آگاهه ڪيو. اجلاس دوران ميمبرن جي اڪثريت تڪراري ڪتاب تي پنهنجي پنهنجي تجويز بچاءَ واري وزارت جي اختيارين کي ڏني. بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي تازو آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير علي جهانگير صديقي جي مقرري جو معاملو پرڏيهي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے