22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جي لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. اليڪشن  ٽريبونل پي ايس 11 لاڙڪاڻي 2 تان نثار کهڙي جا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.  اليڪشن ٽريبونل موجب نثار کهڙي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ 3 بدران 2 زالون ۽ 4 ٻار ظاهر ڪيا هئا. ٽريبونل موجب هڪ زال ۽ هڪ ڌيءَ ۽ 166 ايڪڙ ايراضي لڪائڻ تي نثار کهڙي جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪيا ويا. ٻئي پاسي نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ڪا به شئي ناهي لڪائي، ٽريبونل جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے