23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڀارت 22 حريت پسندن کي انتهاپسند قرار ڏئي هٽ لسٽ تيار ڪئي آهي: تهمينا جنجوعا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا چيو آهي ته ڀارت 22 حريت پسندن کي انتهاپسند قرار ڏنو آهي ۽ لسٽ تيار ڪئي آهي، 22 شخصيتن کي نشانو بڻايو ويندو. اسلام آباد ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تهمينا جنجوعا بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلو ڀرپور نموني اجاڳر ڪيو، سفيرن کي انساني حقن بابت ڪميٽي جي رپورٽ تي بريفنگ ڏينداسين. هن چيو ته ڀارت انساني حقن واري ڪائونسل جي رپورٽ تي بوکلاهٽ جو شڪار آهي، رپورٽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي وائکو ڪيو، انساني حقن واري ڪائونسل جي رپورٽ سان پاڪستاني موقف کي هٿي ملي. سندس چوڻ هو ته ڀارت 22 حريت پسند شخصيتن جي لسٽ تيار ڪئي آهي ۽ کين انتهاپسند قرار ڏنو آهي، ڀارت طرفان 22 شخصيتن کي نشانو بڻايو ويندو. سينيٽر عبدالقيوم ڪشمير مسئلي تي پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته گڏيل ڪميٽي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل هجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف قرارداد منظور ڪئي ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت رپورٽ تي فوري طور ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے