25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پولنگ جو وقت وڌائڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف جي درخواست رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت وڌائڻ واري تحريڪ انصاف جي درخواست رد ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو هو جنهن ۾ عام چونڊن ۾ پولنگ جو وقت رات 8 وڳي تائين ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي درخواست رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ته قانون جي موجب پولنگ جو وقت 8 ڪلاڪ آهي البت الڪشن ڪميشن کي اختيار آهي هو مخصوص حالتن ۾ هڪ يا ان کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو وقت  وڌائي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو ته هاڻ چونڊن جي شيڊول جو اعلان ٿي چڪو آهي ان ڪري اليڪشن ڪميشن اختيار رکي ٿي ته پولنگ جي ڏينهن وقت ختم ٿيڻ کان 3 ڪلاڪ اڳ ڪنهن مجبوري يا ضرورت جي تحت وقت وڌائي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے