20 خميس , سيپٽمبر 2018

چونڊون وقت تي ۽ اهڙيون شفاف ٿينديون، جيڪي اڳ ڪڏهن ناهن ٿيون: بئريسٽر علي ظفر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته اسان جو مينڊيٽ صاف ۽ واضح آهي، چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ اهڙيون شفاف ٿينديون، جيڪي اڳ ڪڏهن ناهن ٿيون. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، سياسي پارٽيون چونڊ مهم تي ڌيان ٿين، هر سياسي پارٽي جي مهم سان چونڊن جو ماحول پيدا ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته سرڪاري ٽي وي تي هر سياسي پارٽي کي برابر وقت ڏنو پيو وڃي، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مصروف آهي، سويلين سائيڊ تي تعليم دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. بئريسٽر علي ظفر چيو ته فاٽا ڪي پي جو حصو آهي، اتان جي عوام تي ڪي پي ۽ وفاق جو قانون لاڳو ٿي چڪو آهي، آئيني شق موجب فاٽا جون صوبائي چونڊون هڪ سال کانپوءِ ٿينديون، نظام لاڳو ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي، جلد فاٽا ۾ به چونڊ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته فاٽا جي صوبائي چونڊ 25 جولاءِ تي ممڪن ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Formerly renowned minister's new medical report of Ishaq Dar collected in Supreme Court

اسحاق ڊار جي عدالت ۾ عدم پيشيءَ جو ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے