22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪيپٽل ايف زيڊ اي بابت دستاويزن جو ايون فيلڊ ملڪيت سان ڪو به تعلق ناهي: خواجا حارث

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جو چوڻ آهي ته ڪيپٽل ايف زيڊ اي بابت سمورا دستاويز قبول ڪرڻ جهڙا ثبوت ناهن ۽ انهن جو ايون فيلڊ ملڪيت سان ڪو به تعلق ناهي جڏهن ته نواز شريف جي ڪيپٽل ايف زيڊ اي ۾ ملازمت جا دستاويز به تصديق ٿيل ناهن. تفصيل موجب شريف فيملي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث اڄ به دليل ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو. نواز شريف جي وڪيل چيو ته جفزاڪي دستاويز يو اي اي قانون جي موجب تصديق ٿيل ناهن انهن بابت ٻڌيل ڳالهه ڪئي وئي ۽ دستاويزن تي موجود مهر، صحيح جو شاهد عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيپٽل ايف زيڊ اي بابت دستاويزن جو ايون فيلڊ ملڪيت بابت ناهن ۽ ان بابت سمورا دستاويز قبول ڪرڻ جوڳا ثبوت ناهن، جي آءِ ٽي ڪيپٽل ايف زيڊ اي جي دستاويزن جي لاءِ ايم ايل اي ناهي لکيو. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ڪيپٽل ايف زيڊ ا ۾ ملازمت جا دستاويز پيش ڪيا ويا جيڪي تصديق ٿيل ناهن ۽ نه ئي حسين نواز کان ڪيپٽل ايف زيڊ  اي جي دستاويزن بابت سوال ڪيو ويو، نواز شريف جي ملازمت  جي هڪ معاهدي ۾ ترميم ڪئي وئي جڏهن ته فريادي طرفان ناهي ٻڌايو ويو ته اها ترميم ڪنهن ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے