22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪندڙ آر او فارغ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪندڙ آر او کي فارغ ڪري سندس خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي ايپلٽ ٽريبونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 57 جي ريٽرننگ آفيسر کي عهدي تان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ريٽرننگ آفيسر ايڊيشنل سيشن جج حيدر علي کي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪرڻ تي فارغ ڪيو ويو آهي. ريٽرننگ آفيسر تي الزام هو ته هن ڪاغذن ۾ ٽيمپرنگ ڪئي ۽ ريڪارڊ مان رڳو نظر ڪندي شاهد خاقان عباس جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪيا هئا. هن ايپلٽ ٽريبونل جي روبرو پنهنجي غلطي به قبولي هئي جنهن بعد هن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٽريبونل رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي ايڊيشنل سيشن جج جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي نئون آر او مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے